ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته بهترين هاضمي جو نظام نه رڳو وزن گهٽائڻ ۾ فائديمند اهي پر صحتمند جسم لاءِ به ضروري آهي.
اڪثر ماڻهن کي پيٽ جا مسئلا ٿيندا آهن جيڪي بي سڪوني جو سبب به بڻجندا آهن.
پيٽ جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ فائبر اهم ڪردار ادا ڪندو آهي، فائبر سان ڀرپور غذائون شامل ڪرڻ هاضمي واري نظام لاءِ حيرت جوڳو ڪم ڪندو آهي.
فائبر ميون، ڀاڄين، اناج ۽ ٻجن ۾ جهجهي مقدار ۾ هوندو آهي پر هيٺ ڏنل شيون نوٽ ڪري سگهجن ٿيون.
جو (اوٽس)
وٽامنز، معدنيات ۽ اينٽي آڪسيڊنٽس سان ڀرپور جو نيرن لاءِ بهترين چونڊ آهي، اوٽس ۾ موجود فائبر قبض کي نه رڳو گهٽ ڪري ٿو پر پري بائيوٽڪ جي طور تي به ڪم ڪري ٿو.
داليون
صدين کان داليون کاڌن جو هڪ اهم حصو رهيون آهن، دالين کي پروٽين ۽ فائبر ٻنهي جو پاور هائوس چيو ويندو آهي.
غذائيت سان ڀرپور داليون فائبر جو هڪ بهترين ذريعو هونديون آهن، سلاد ۾ به انهن جو استعمال انساني جسم لاءِ فائديمند آهي.
صوف
ان ڳالهه کان انڪار ناهي ته ڏينهن ۾ هڪ صوف کائڻ ڊاڪٽر ڏانهن وڃڻ کان روڪي ڇڏيندو آهي، هن ۾ موجود پيڪٽين نالي فائبر قبض مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ ۾ مدد ڪندو آهي.
اوهان ڏينهن جي شروعات صوف سان ڪري جسم کي هر قسم جو فائدو ڏئي سگهو ٿا.
خشڪ ميوا
خشڪ ميوا صحتمند فيٽس، ميگنيشيم، پروٽين ۽ فائبر جو بهترين ذريعو آهن، انجير ۽ بادام کي پنهنجي غذا ۾ شامل ڪرڻ فائبر جو مقدار وڌائن لاءِ هر قسم سان فائديمند آهي.
شڪرقندي (گجر)
سياري جي موسم ۾ گجر کي وڌيڪ استعمال ڪيو ويندو آهي، هي آئرن، ڪيلشيم، وٽامنز ۽ فائبر جو بهترين ذريعو آهي.
پنهنجي غزا ۾ هنن شين کي شامل ڪرڻ هاصمي واري نظام کي نه رڳو بهتر ڪندو پر قبض به ختم ڪندو.