لاهور هاءِ ڪورٽ جو پي ٽي آءِ اڳواڻ شير افضل مروت کي آزاد ڪرڻ جو حڪم

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ تحريڪ انصاف جي سينيئر نائب صدر شير افضل مروت کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شهرام سرور چوڌري پي ٽي آءِ اڳواڻ شير افضل مروت جي نظربندي خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن سلسلي ۾ حڪومت طرفان خواجا محسن عباس ايڊووڪيٽ عدالت ۾ جواب جمع ڪرايو.
حڪومتي جواب ۾ چيو ويو ته شير افضل مروت جي نظربندي جو نوٽيفڪيشن ڊپٽي ڪمشنر جاري ڪيو، سندس نظربندي خلاف درخواستگذار لاڳاپيل فورم سان رابطو ڪري، شير افضل مروت جي نظربندي خلاف اڳ ۾ حڪومت کي درخواست ڏيو، عدالت اها درخواست رد ڪري.
عدالت سرڪاري وڪيل جي جواب جو جائزو ورتو ۽ ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ فيصلو ٻڌائيندي شير افضل مروت کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
عدالت ڊپٽي ڪمشنر کي شيورٽي بانڊ جمع ڪرائڻ کانپوءِ آزادي جو حڪم جاري ڪيو.
واضح رهي ته لاهور پوليس شير افضل مروت کي ڪجهه ڏينهن اڳ لاهور هاءِ ڪورٽ مان واپسي تي ٿري ايم پي او تحت گرفتار ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.