سپريم ڪورٽ چونڊن ۾ دير جا سمورا دَر بند ڪري ڇڏيا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ايندڙ سال فيبروري ۾ ٿيندڙ عام چونڊن ۾ دير جا سمورا در بند ڪري ڇڏيا.
جسٽس سردار طارق جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بئنچ ڪوئيٽا جي ٻن صوبائي سيٽن تي تڪبندين خلاف اپيل تي حڪم جاري ڪندي چيو ته چونڊ شيڊيول جاري ٿيڻ کانپوءِ تڪبندين تي اعتراض نٿو ڪري سگهجي.
واضح رهي ته بلوچستان هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن طرفان ڪيل تڪبندي تبديل ڪئي هئي.
سپريم ڪورٽ بلوچستان هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيندي اليڪشن ڪميشن جي اپيل منظور ڪري ورتي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.