شاداب خان صحتياب نه ٿيو، نيوزيلينڊ دوري کان ٻاهر

لاهور (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو آل رائونڊر شاداب خان نيوزيلينڊ جي دوري کان ٻاهر ٿي ويو.
شاداب خان پير جي انجري جو شڪار آهي ۽ کيس بهتر ٿيڻ ۾ وڌيڪ 4 هفتا لڳندا.
شاداب خان 3 ڊسمبر تي نيشنل ٽي ٽوئنٽي جي ميچ کيڏندي زخمي ٿيو هو، هو ٽورنامينٽ ۾ راولپنڊي جي ڪپتاني ڪري رهيو هو، جنهن کانپوءِ قيادت جا فرض محمد نواز انجام ڏنا هئا.
واضح رهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم کي جنوري 2024 ۾ ڪيويز خلاف 5 ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز کيڏڻي آهي، ٻنهي ٽيمن ۾ پهرين ميچ 12 جنوري تي آڪلينڊ ۾ کيڏي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.