پرٿ ٽيسٽ هارائڻ کانپوءِ پاڪستان ٽيم کي هڪ ٻيو لوڏو

دبئي (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) آسٽريليا خلاف پرٿ ٽيسٽ ۾ سلو اوور ريٽ تي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم تي ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو.
آءِ سي سي موجب پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم تي پرٿ ٽيسٽ ۾ سلو اوور ريٽ تي ميچ فيس جو 10 سيڪڙو ڏنڊ هنيو ويو آهي.
آءِ سي سي طرفان چيو ويو آهي ته پاڪستان جون ٽيسٽ چيمپيئن شپ جون ٻه پوائنٽون به ڪاٽيون ويون آهن، جنهن کانپوءِ پاڪستان ٽيم جي پوائنٽن جي شرح 66.67 مان 61.11 ٿي وئي آهي.
رپورٽ موجب پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم مقرر وقت ۾ ٻه اوور گهٽ ڪرايا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.