”اسان سنڌ مان ڪوئلو ڪڍيو، ڪراچي مان دهشتگردي ختم ڪئي پر ووٽ ڪنهن ٻئي کي مليو“

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ قائد نواز شريف چيو آهي ته آر ٽي ايس ويهاري جيڪا حڪومت آندي وئي، اها هڪ موٽر وي به نه ٺاهي سگهي.
لاهور ۾ پارلياماني پارٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته مون کي وهم گمان ۾ به نه هو ته پٽ کان پگهار نه وٺڻ تي فارغ ڪيو ويندو، مقصد رڳو وزيراعظم کي ڪڍڻ ۽ هڪ سليڪٽڊ کي آڻڻ هو.
هن چيو ته مان صبح جو وزيراعظم هيس ۽ شام جو هاءِ جيڪر بڻايو ويو، آئين ۽ قانون ۾ گنجائش نه هجڻ باوجود وزيراعظم کي ڪڍڻو هو، ملڪ ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ ختم ٿي رهي هئي ۽ سي پيڪ اچي رهيو هو، چيو پئي ويو ته پاڪستان جي 20 ۾ شامل ٿي ويندو، اسان آءِ ايم ايف کي خدا حافظ چئي ڇڏيو هو، قرض واپس ڪري رهيا هئاسين، اسان کي نظر لڳي وئي.
سندس چوڻ هو ته آر ٽي ايس ويهاري جيڪا حڪومت آندي وئي، اها هڪ موٽر وي به نه ٺاهي سگهي، ڪراچي مان دهشتگردي ڪنهن ختم ڪئي؟ اسان سنڌ مان ڪوئلو ڪڍيو، ان سان بجلي ٺهي رهي آهي، ڪراچي ۾ اسان 2200 ميگا واٽ پاور پلانٽ قائم ڪيو، اسان چترال ۾ لواري ٽنل ٺاهيو پر ووٽ ڪنهن ٻئي ڏي ويو، ڪراچي ۾ امن قائم ڪيو پر ووٽ ڪنهن ٻئي کي مليو، ڪم اسان ڪيون ۽ ووٽ ڪنهن ٻئي کي ملي ته اها ناانصافي ناهي؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.