آمريڪي خلائي اداري ناسان هاڻوڪن سالن جي طاقتور ترين شمسي طوفان جون تصويرون جاري ڪيون آهن.
اهو شمسي طوفان ايترو طاقتور هوجو ان 14 ڊسمبر تي زمين ۾ ڪجهه ريڊيو ڪميونيڪيشنز کي متاثر ڪيو.
ناسا اها تصوير سولر ڊائنامڪس آبزرويٽري ذريعي ڪڍي هئي.
ناسان پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهو 6 ورهين جي سڀ کان طاقتور شمسي طوفان هو جنهن سان ريڊيو ڪميونيڪيشنز، برقي پاور گرڊز ۽ نيويگيشن سگنلز تي اثر پيا.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته شمسي طوفان سان آمريڪا ۽ ٻين خطن ۾ ڏينهن جي وقت ريڊيو ڪميونيڪيشن متاثر ٿي.
آمريڪا جي National Oceanic and Atmospheric and Administration موجب سائنسدانن پاران شمسي طوفان جي اثرن جو جائزو ورتو ويو آهي.
آمريڪي اداري موجب اهو 10 سيپٽمبر کان پوءِ سڀ کان وڏو شمسي طوفان هو.
اهڙيءَ شمسي طوفان کي ايڪس ڪلاس قرار ڏنو ويندو آهي ۽ 14 ڊسمبر جي طوفان کي ايڪس 8 ڪيٽيگري طوفان قرار ڏنو ويو آهي.
You might also like