ڀارتي اداڪارا جي گھرڀاتين جو تشدد،ماءُ خلاف ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيائين

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي مشهور ڊرامي سي آءِ ڊي جي اداڪارا ويشنوي ڌنراج پنهنجي گھرڀاتين تي تشدد جو الزام هڻندي پنهنجي ماءُ خلاف ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو.
ويشنوي ڌنراج سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو شيئرڪئي جنهن ۾ هوءَ پاڻ مٿان ٿيل تشدد بابت ٻڌائي رهي آهي ۽ پنهنجا زخم به ڏيکاري رهي آهي.
ويشنوي ڌنراج پنهنجي وڊيو ۾ مداحن کي چيو ته هوءَ هن وقت ٿاڻي ۾ موجود آهي، منهنجي فيملي مون تي بدترين تشدد ڪيو، منهنجو چهرو ۽ هٿ زخمي آهن.

CID एक्ट्रेस Vaishnavi Dhanraj के साथ हुई मारपीट, घायल हालत में पुलिस  स्टेशन पहुंचीं अभिनेत्री - CID actress Vaishnavi Dhanraj accusses family of  physical violence
هن وڊيو ۾ مداحن کي وڌيڪ چيو ته منهنجي گھر وارن مون تي تشدد ڪيو، مون کي اوهان جي ضرورت آهي منهنجي مدد ڪريو.
رپورٽ موجب ڀارتي پوليس جو چوڻ هو ته ويشنوي ڌنراج جي درخواست تي سندس ماءُ ۽ ڀاءُ خلاف نان ڪاگنيسيبل ڪيس داخل ڪري ورتو آهي.
واضح رهي ته نان ڪاگنيسيبل ڪيس ۾ پوليس عدالتي حڪم کانوساءِ نه جاچ ڪري سگھي ٿي ۽ نه ئي ڪا گرفتاري.


ٻي پاسي ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب ويشنوي ڌنراج جي گھرڀاتين کيس گھر ۾ يرغمال بڻائي رکيو هو، هن جي ماءُ ۽ ڀاءُ سندس فون به پنهنجي قبضي ۾ وٺي ڇڏيو هو، اداڪارا کي گھر کان ٻاهر نڪرڻ جي اجازت به نه هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.