سنڌ ۾ زمينن جو رڪارڊ ۽ ڊوميسائل حاصل ڪرڻ جي خواهشمندن لاءِ وڏي سهولت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ زمينن جو رڪارڊ ۽ ڊوميسائل حاصل ڪرڻ لاءِ آن لائن سروس شروع ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ هاڻ آن لائن فيس ادائيگي تي 3 ڏينهن ۾ گهربل دستاويز حاصل ڪري سگهجن ٿا.
سنڌ حڪومت پنجاب آءِ ٽي بورڊ جي مدد سان صوبي ۾ زمينن جو رڪارڊ ۽ ڊوميسائل حاصل ڪرڻ لاءِ آن لائن سروس شروع ڪري ڇڏي.
سنڌ جا شهري آن لائن زمين جو فارم ۽ کاتن جي منتقلي جو فارم بورڊ آف روينيو جي ويب سائيٽ تي آن لائن ڀري سگهن ٿا ۽ آن لائن فيس ادائيگي تي 3 ڏينهن ۾ گهربل دستاويز حاصل ڪري سگهجن ٿا، آن لائن نظام کانپوءِ شهرين کي رجسٽرار آفيس وڃڻ جي ضرورت نه هوندي.
سڄي سنڌ جي ڊپٽي ڪمشنرن ۽ ڪمشنرن کي آن لائن نظام جا تفصيل فراهم ڪيا ويا آهن، ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ اهو آن لائن نظام مڪمل طور لاڳو ٿي ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.