بلوچستان ۾ ٺپا لڳا ته صوبو وفاق کان پري ٿي ويندو: عبدالمالڪ بلوچ

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير ۽ نيشنل پارٽي جي سربراهه ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ چيو آهي ته بلوچستان جي صورتحال کي ڳالهين ذريعي حل ڪري سگهجي ٿو، چونڊن ۾ جيڪڏهن ٺپا لڳا ته بلوچستان جي عوام ۽ وفاق ۾ وڇوٽيون اڃا وڌي وينديون، اليڪشن ڪميشن بلوچستان ۾ عوامي راءِ جو احترام يقيني بڻائي.
ڪوئيٽا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ چيو ته نيشنل پارٽي جا سمورا ورڪر جدوجهد جي پيداوار آهن، اسان پنهنجي دور ۾ بلوچستان ۾ ڳالهين جو عمل شروع ڪرايو هو، اسان سمجهون ٿا ته بندوق مسئلن جو حل ناهي، ڳالهين سان ئي مسئلا حل ڪري سگهجن ٿا.
هن چيو ته بلوچستان جا حقيقي نمائندا ئي بلوچستان جا مسئلا حل ڪرائي سگهن ٿا، جيڪڏهن هاڻ به بلوچستان ۾ ٺپا لڳا ته بلوچستان وفاق کان پري ٿي ويندو، سياسي ردوبدل سان ڊيل ڪرڻ بلوچستان سان ناانصافي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.