بصر جي وڌندڙ اگهه تي حڪومت جو اهم فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بصر جي امڪاني بحران کان بچڻ لاءِ نگران حڪومت اڳواٽ قدم کڻندي برآمد محدود ۽ سخت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ذريعن موجب نگران حڪومت ملڪ ۾ بصر جي اگهه ۾ استحڪام لاءِ قدم کڻڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن.
بصر برآمد ڪرڻ جي اجازت رڳو ايڊوانس ادائيگي جي شرط تي ئي هوندي ۽ بصر جي برآمد لاءِ گهٽ کان گهٽ ايڪسپورٽ قيمت به مقرر ڪئي وئي آهي، جيڪا 750 ڊالر في ميٽرڪ ٽن هوندي، مطلب ان کان گهٽ اگهه تي بصر برآمد ڪرڻ جي اجازت نه هوندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته بصر جي برآمد تي نوان شرط 29 فيبروري 2024 تائين لاڳو هوندا، ان سان بصر جي اگهه ۾ استحڪام ايندو، آبادگارن کي فائدو ٿيندو ۽ ناڻو به حاصل ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.