ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ اڄ رات کان ٿڌيون هوائون گهلڻ جو امڪان آهي ۽ سڀاڻي کان ٿڌ جي شدت ۾ واڌ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.
موسمياتي تجزئي نگار جواد ميمڻ موجب ڪراچي ۾ ٿڌ جي شدت ۾ واڌ کانپوءِ گهٽ کان گهٽ پارو 11 کان 10 ڊگري تائين وڃڻ جو امڪان آهي.
موسمياتي تجزئي نگار اڳڪٿي ڪئي ته اولهه نظام جي اثر هيٺ رات 12 وڳي کانپوءِ سنڌ جي مختلف علائقن ۾ هوا جي رُخ ۾ تبديلي جو امڪان آهي.
واضح رهي ته ڪراچي ۾ اڄ صبح کان ٿڌيون هوائون گهلنديون رهيون ۽ ڪجهه جاين تي ڪوهيڙو به ڏٺو ويو.
You might also like