تهران (ويب ڊيسڪ) ايران 33 ملڪن لاءِ ويزا فري انٽري جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ايران جن 33 ملڪن لاءِ ويزا فري انٽري جو اعلان ڪيو آهي انهن ۾ گڏيل عرب امارتون، سعودي عرب، بحرين، قطر، ڪويت، ڀارت، روس، لبنان، ازبڪستان، ڪرغستان، تاجڪستان شامل آهن.
ان کانسواءِ تيونس، موريطانيا، تنزانيا، زمبابوي، ماريشس، آفريقي ملڪ سيشيلز، انڊونيشيا، برونائي، جاپان ۽ سنگاپور جي شهرين لاءِ به ايراني ويزا فري هوندي.
ويزا فري انٽري جي سهولت ڪمبوڊيا،ملائيشيا، ويتنام، برازيل، پيرو، ڪيوبا، ميڪسيڪو، وينزويلا، بوسنيا ۽ هرزيگووينا، سربيا، ڪروشيا ۽ بيلاروس جي شهرين کي به حاصل هوندي.
Prev Post
You might also like