سپريم ڪورٽ جي فيصلي مان مطمئن ناهيون، خدشا ختم ڪيا وڃن: پي ٽي آءِ چيئرمين

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر خان چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي مان مطمئن ناهيون، فيصلي تي اسان جا خدشا موجود آهن.
اڊيالا جيل ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر خان چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي جو احترام ڪيون ٿا پر اسان ان فيصلي مان مطمئن ناهيون، پي ٽي آءِ چونڊن جو بائيڪاٽ نه ڪندي پر اسان سپريم ڪورٽ کي اپيل ڪري رهيا آهيون، اسان جي درخواستن کي به ٻڌو وڃي.
هن چيو اسان جي اپيل آهي ته ڊي آر اوز ۽ آر اوز فري اينڊ فيئر چونڊون ڪرائين پر جن ڊي سيز ايم پي اوز جا آرڊر ڪيا، اهي ڪيئن صاف شفاف چونڊون ڪرائيندا؟ سپريم ڪورٽ عمير نيازي کي هڪ نوٽيس ايشو ڪيو آهي، عدالت جا نوٽيس هوندا ته ڪير به صاف شفاف چونڊن لاءِ عدالت نه ويندو.
سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ باني عمران خان جو ٽرائل جيل ۾ ڪرايو پيو وڃي ته جيئن دٻاءُ وڌي پر هو سوديبازي نه ڪندو، پي ٽي آءِ اڪيلي جماعت آهي، جيڪا چاهي ٿي ته جمهوريت ڊي ريل نه ٿئي ۽ هر پارٽي جو حق آهي ته اها عدالت سامهون پنهنجا خدشا رکي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.