ايس بي سي اي ڪرپٽ ترين ادارو قرار، آفيسرن تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ اڄ ئي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي آفيسرن ۽ بلڊرن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ناظم آباد ۾ غير قانوني اڏاوتن خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران جج ايس بي سي اي آفيسرن ۽ وڪيلن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.
عدالت چيو ته بلڊرز، مافياز ۽ ايس بي سي اي جو ڳٺ جوڙ آهي، ايس بي سي اي جي نااهلي سان شهر ڪنڪريٽ جو جهنگ بڻجي ويو آهي، ايس بي سي اي سنڌ جو ڪرپٽ ترين ادارو بڻجي ويو آهي.
عدالت چيو ته ايس بي سي اي جا ماڻهو پاڻ غير قانوني اڏاوتن خلاف ڪارروائي نٿا چاهين، اڳ ۾ شهر ۾ غير قانوني اڏاوتون ٿيڻ ڏنيون وينديون آهن، پوءِ ڀڃ ڊاهه جو وارو اچي ته هٿ مٿي ڪري ڇڏيندا آهن.
عدالت اڄ ئي بلڊرز ۽ آفيسرن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته ناظم آباد سي ون ۾ غير قانوني فلور ڪيرائي 15 جنوري تي رپورٽ طلب ڪري ورتي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.