اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت ڪرسمس جي موقعي تي عيسائي برادري جي سرڪاري ملازمن جي ڊسمبر جي پگهار ۽ پينشن ايڊوانس ۾ ادا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ڪرسمس جي موقعي تي عيسائي برادري جي سرڪاري ملازمن لاءِ سٺي خبر اچ يوئي، حڪومت عيسائي برادري جي سرڪاري ملازمن جي ڊسمبر جي پگهار ۽ پينشن ايڊوانس ۾ ادا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ناڻي واري وزارت ايڊوانس پگهار ڏيڻ جو خط جاري ڪري ڇڏيو، جنهن موجب عيسائي برادري جي وفاقي ملازمن کي 20 ڊسمبر تي پگهار ۽ پينشن ادا ڪئي ويندي.
واضح رهي ته سڄي ملڪ ۾ عيسائي برادري 25 ڊسمبر تي ڪرسمس جو تهوار ملهائيندي.
Prev Post
You might also like