جنوري ۾ گئس هوندي يا نه؟ واهپيدارن لاءِ اهم خبر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ جنوري ۾ واهپيدارن لاءِ گئس دستياب هوندي يا نه؟ آمريڪي اداري بلوم برگ جي انڪشاف کانپوءِ بحث ڇڙي ويو پر توانائي واري وزير خاطري ڪرائي آهي ته هن ڀيري جنوري ۾ گئس دستياب هوندي.
بلوم برگ پنهجي هڪ تازي رپورٽ ۾ ٻڌايو آهي ته ڪيئن سوئس ڪمپني گنور کي 2021 ۾ پاڪستان کي قدرتي گئس فراهم ڪرڻي هئي پر ان وڌيڪ اگهن تي يورپ سان معاهدو ڪري ورتو، ڇا هلندڙ سال جنوري ۾ به اها ئي صورتحال پيدا ٿيندي؟
پر توانائي واري وزير محمد علي چيو آهي ته جنوري لاءِ پاڪستان گئس خريدي ورتي آهي.
سينيٽ ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته جنوري 2024 ۾ واهپيدارن کي گئس جي فراهمي بهتر رهندي، ڇو ته جنوري لاءِ هڪ اسپاٽ ايل اين جي ڪارگو خريد ڪيو ويو آهي.
هن چيو ته ان کانسواءِ اسان وٽ 8 کان 10 ايل اين جي ڪارگو قطر کان ڊگهي مدي جي معاهدن جي نتيجي ۾ ايندا آهن، جنوري جي گئس جي فراهمي جي صورتحال بهتر رهندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.