اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) فيڊرل بورڊ آف ريونيو (ايف بي آر) پاران ڪسٽمز ويليوز ۾ هڪ ڀيرو وري واڌ کان پوءِ موبائل فونز وڌيڪ مهانگيون ٿي رهيون آهن.
ذريعن موجب ڊائريڪٽوريٽ جنرل آف ڪسٽمز ويليوئيشن ڪراچي پاران مشهور برانڊز جا هڪ هزار 160 موبائل فون ماڊلز تي ڪسٽمز ويليوز ۾ اضافو ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب جن برانڊز جي موبائيل فونز تي ڪسٽمز ويليوز وڌايون ويون آهن، انهن ۾ ايپل،هواوي،انفنڪس،آءِٽيل،لينوو،موٽورولا،اوپو،نوڪيا،سام سنگ،سوني،ٽيڪنو،ويوو،شيائومي،ريئل مي،ون پلس،آنر ۽ ٻيون شامل آهن.
ذريعن موجب مسافر جيڪي استعمال ٿيل موبائيل فونز پرڏيهه کان پاڻ سان گڏ آڻيندا انهن تي ٽيڪس جو ڪاٿو به نئين ڪسٽم ويليوز تحت لڳايو ويندو.
You might also like