دنيا جي مشهور ترين وڊيو شيئرنگ سروس يوٽيوب ۾ هڪ اهڙي تبديلي ڪئي وئي آهي جيڪا اوهان کي بلڪل پسند نه ايندي.
جيڪڏهن ٽي وي ۾ يوٽيوب وڊيوز ڏسڻيون آهن ته هاڻي اشتهار ته گھٽ نظر ايندا پر انهن جو وقت ڊگهو هوندو.
سولن لفطن ۾ هاڻي ڪنهن به وڊيو دوران ننڍن اشتهارن بدران يوٽيوب طرفان ڊگھا اشتهار نظر ايندا.
يوٽيوب طرفان سيپٽمبر کان ان تبديلي جي آزمائش ڪئي پئي وئي ۽ هاڻي ان کي سڀني واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرايو ويو آهي.
موبائل ۽ ويب ورجنز ۾ ته شارٽس ۾ اڳ ئي اشتهار ڏيکاريا پيا وڃن ۽ هاڻي ٽي وي تي به انهن جو تجربو ٿيندو.
You might also like