ڪراچي ۾ نيپا پل هيٺان زوردار ڌماڪو، ناري فوت، ٻه ڄڻا زخمي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي گلشن اقبال ۾ نيپا فلاءِ اوور هيٺان منشيات جي عادي ماڻهن طرفان نشو ڪرڻ دوران ماچس جي تيلي ٻار سان زوردار ڌماڪو ٿي ويو.
پوليس موجب ڌماڪو نيپا پل هيٺان گذري ڀرسان موبائل مارڪيٽ ڏانهن ويندڙ گئس لائن جو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ 20 ورهين جي ڇوڪري عيني فوت ٿي وئي، جڏهن ته ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن مان هڪ جي سڃاڻپ شاهه رخ طور ٿي، جڏهن ته ٻئي زخمي جي سڃاڻپ ناهي ٿي سگهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڌماڪو ايترو زوردار هو جو پل کي به نقصان پهتو ۽ ڀاڄ پئجي وئي، افراتفري سبب ٽريفڪ جام ٿي وئي ۽ گاڏي جون قطارون لڳي ويون.
ڌماڪي کانپوءِ بم ڊسپوزل اسڪواڊ کي به طلب ڪيو ويو، جڏهن ته سوئي سدرن گئس ڪمپني پهچي اهو ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي ته گئس ڪٿان خارج ٿي رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.