پاڪستان کي بابر اعظم کان بهتر ڪرڪيٽر ملي ويو، وڏي اڳڪٿي

پرٿ (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي آسٽريلوي بيٽر سائمن ڪيٽچ، عبدالله شفيق جي تعريف ڪندي اڳڪٿي ڪئي آهي ته هو بابت بابر اعظم کان اڳتي نڪري ويندو.
اڳوڻي آسٽريلوي اوپنر سائمن ڪيٽچ پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ جاري پرٿ ٽيسٽ جي ٻئي ڏينهن عبدالله شفيق بابت حيران ڪندڙ اڳڪٿي ڪئي.
ڪامينٽري ڪندي هن چيو ته منهنجي خيال ۾ عبدالله شفيق، بابر اعظم کان بهتر بيٽر ثابت ٿيندو.
سندس چوڻ هو ته هو هڪ سٺو نوجوان رانديگر آهي، هن پنهنجي ٽيسٽ ڪيريئر جي سٺي شروعات ڪئي آهي، مون کي اسپن خلاف سندس جارحاڻي راند کيڏڻ واري ڳالهه سڀ کان وڌيڪ پسند آهي، اسان اڄ ان کي نيٿن ليون خلاف اڳتي وڌي کيڏندي ڏٺو، مون کي اهو وڻيو.
واضح رهي ته پرٿ ٽيسٽ جي پهرين اننگز ۾ عبدالله شفيق 42 رنسون ٺاهي نيٿن ليون جو شڪار بڻيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.