انڊر 19 ايشيا ڪپ جي سيمي فائنلز ۾ پاڪستان ۽ ڀارت کي عبرتناڪ شڪست

دبئي (ويب ڊيسڪ) انڊر 19 ايشيا ڪپ جي پهرئين سيمي فائنل ۾ يو اي اِي، پاڪستان کي 11 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
دبئي ۾ کيڏيل ايونٽ جي پهرئين سيمي فائنل ۾ پاڪستان انڊر 19 ٽيم 194 رنسن جي مليل هدف جي جواب ۾ 182 رنسن تي ڍير ٿي وئي.
پاڪستان طرفان ڪپتان سعد بيگ 50 ۽ اذان اويس 41 رنسن سان اڳڀرا رهيا، عامر حسن 27، شاهزيب خان 11، محمد ذيشان 10، عرفات منهاس 8، رياض الله 4، نجب خان 3، شمائل حسين ۽ عبيد الله کاتو ئي نه کوليو، علي اسفند 16 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.
يو اي اي جي ايمن احمد ۽ هاردڪ پائي 2-2، جڏهن ته اومد رحمان، ڌرو پراشر ۽ عمار بادامي هڪ – هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.
ان کان اڳ يو اي اي جي ٽيم ٽاس هارائڻ کانپوءِ پاڪستان جي دعوت تي پهريان کيڏندي 48 اوورن ۾ 193 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي.
يو اي اي طرفان ڪپتان آيان افضل خان 55، يانش شرما 46 ۽ ايٿن ڊي سوزا 37 رنسن جي اننگز کيڏي، پاڪستان جي عبيد شاهه 4، علي اسفند ۽ عرفات منهاس 2-2، جڏهن ته عامر حسن ۽ محمد ذيشان هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.
هوڏانهن ٻئي سيمي فائنل ۾ بنگلاديش ڀارت کي 4 وڪيٽن تان شڪست ڏئي فائنل جي ڊوڙ کان ٻاهر ڪري ڇڏيو.
ايونٽ جو فائنل بنگلاديش ۽ يو اي اي جي ٽيمن وچ ۾ 17 ڊسمبر آچر ڏينهن کيڏيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.