ڪيلاش فيسٽيول ۾ وڊيو گرافي ۽ انٽرويو وٺڻ تي پابندي

چترال (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي ضلعي چترال جي ڪيلاش وادي ۾ ”ڪيلاش چاوموس ميلي“ ۾ ويڊيو گرافي ۽ مقامي ماڻھن کان انٽرويو وٺڻ تي پابندي مڙھي وئي آھي.
چترال جي وادي ڪيلاش ۾ ھر سال ڊسمبر ۾ چاوموس ميلو منعقد ڪيو ويندو آھي، جيڪو مقامي ڪيلاش قبيلي جا ماڻھو پنھنجي مذھبي ڏڻ طور ملھائيندا آھن.
اهو ميلو 16 ڊسمبر کان 22 ڊسمبر تائين جاري رھندو آھي، جنھن ۾ ملڪ جي مختلف علائقن سميت ٻين ملڪن جا سياح بھ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪندا آھن.
ان سلسلي ۾ ڊپٽي ڪمشنر لوئر چترال عمران خان پاران ميلي لاءِ نيون ايس او پيز جاري ڪيون ويون آھن، جن ۾ تفريح لاءِ ايندڙ ماڻھن ۽ يوٽيوبرز لاءِ خاص ھدايتون شامل آھن.
ڊي سي موجب ڪيلاش قبيلي جون منفرد رسمون ۽ رواج آهن، انهن جا مرد ۽ عورتون پنهنجو تهوار آزادي سان ملهائندا آهن، مقامي ماڻهن جون شڪايتون آهن ته ڪجهه ماڻهو هتي اچي وڊيوز ٺاهيندا آهن ۽ انٽرويو وٺڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا تي ان کي غلط انداز ۾ پيش ڪندا آهن، ميلي دوران ويڊيو گرافي ۽ مقامي ماڻھن کان انٽرويو وٺڻ تي پابندي هوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.