اداڪارا صحيفه جبار خٽڪ پاران آپگهات جي ڪوشش

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪارا ۽ ماڊل صحيفه جبار خٽڪ پنهنجي خراب ذهني صحت ۽ ڊپريسن بابت ڳالهائيندي آپگهات ڪرڻ جي ڪوشش جو انڪشاف ڪيو آهي.

صحيفه جبار خٽڪ پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي پنهنجي وڊيو پوسٽ ڪئي جنهن ۾ هن پنهنجي ذهني صحت بابت ڳالهايو ۽ انهيءَ دوران روئي ويٺي.

اداڪارا چيو ته آئون هن دنيا کي ڪڏهن به رحم دل محسوس ناهي ڪيو پر اسان جا ڪجهه دوست اهڙا هوندا آهن جن کي اسان ڏکئي وقت ۾ فون ڪري سگھون ٿا ۽ اهي اسان جي مدد لاءِ فورن سڀ ڪم ڇڏي اچي ويندا آهن.

هن پنهنجي دوست جو نالو کڻڻ کانسواءِ ٻڌايو ته ڪجهه ڏينهن اڳ آئون هڪ دوست کي فون ڪري چيو ته آئون 13 ٽڪيون کائي ڇڏيون آهن ۽ آئون آپگهات ڪري رهي آهيان،

منهنجو مڙس پاڪستان ۾ نه آهي، مون کي ڪنهن جي ضرورت آهي جيڪو مون کي ان خوف مان ڪڍي..

صحيفه جبار خٽڪ ٻڌايو منهنجون ڳالهيون ٻڌي منهنجا دوست فورن منهنجي گھر اچي ويا ۽ پوءِ جڏهن منهنجي حالت بهتر ٿي ته آئون سوچيو ته جيڪڏهن منهنجا دوست نه اچن ها ته آئون پاڻ سان ڪجهه به غلط ڪري سگھان پئي.

اداڪارا سوشل ميڊيا تي ٽرولنگ بابت ڳالهائيندي چيو ته جيڪڏهن اسان فنڪار ڪيمرا جي سامهون پنهنجي ذهني حالت بابت ٻڌائيندا آهيون ته ماڻهو اسان تي تنقيد ڪندا ۽ اسان کي طعنه هڻندا آهن.

سندس چوڻ هو ته هيءَ دنيا گھڻي بيحس ٿي چڪي آهي، هتي ڪو به ڪنهن جو خير خواهه ناهي، جيڪڏهن ڪنهن کي پنهنجي تڪليف بابت ٻڌايو ته اهي اوهان تي ٺٺول ڪندا آهن تنهنڪري تلسي ڏيڻ بدران تڪليف ۾ وڌيڪ اضافو ٿي ويندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.