نيرن نه ڪرڻ سان وڏي بيماري ٿي سگھي ٿي! ماهرن خبردار ڪري ڇڏيو

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) جيڪي ماڻهو نيرن ناهن ڪندا انهن ۾ ڪجهه عرصو گذرڻ بعد ڪينسر جو خطرو انهن ماڻهن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ هوندو آهي جيڪي نيرن باقاعدگي سان ڪندا آهن.
چين ۾ محققن پاران ڪيل هڪ مطالعي ۾ ان ڳالهه جو انڪشاف ٿيو آهي ته روز نيرن ڪندڙن جي ڀيٽ ۾ اهي ماڻهو جيڪي نيرن نه ڪندا هئا، انهن ۾ غذائي نالي جي ڪينسر، ڪولوريڪٽل ڪينسر، جيري جي ڪينسر ۽ ٻين ڪينسر جي قسمن جو خطرو وڌيڪ هو.
ان کانسواءِ نيرن نه ڪرڻ گلوڪوز ميٽابلولزم، دائمي سوڄ، ٿولهه ۽ دل جي بيماري جو سبب بڻجي سگھي ٿو. محققن 63000 بالغ ماڻهن جي نيرن جي معمولن ۽ معدي جي ڪينسر جي خطري وچ ۾ واسطي جو جائزو ورتو جيڪي بنيادي طور تي ڪينسر جا مريض نه هئا.
ٻي پاسي نئين دهلي ۾ فورٽس اسپتال شاليامار باغ جي خوراڪ جي ماهر شويتا گپتا جو به ان حوالي سان چوڻ هو ته نيرن نه ڪرڻ سان معدي جي ڪينسر جو خطرو وڌي سگھي ٿو ڇو جو اهو گلوڪوز ميٽابولزم کي متاثر ڪندو آهي. اهڙيءَ طرح اهو آڪسيڊيشن ۽ جين مائڪرو بيوميشن جهڙي عمل جي ذريعي ٽيومر جي ترقي جو سبب به بڻجي سگھي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.