ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي ڪلفٽن ۾ پوليس اسٽريٽ ڪرائم جي الزام ۾ ماءُ ۽ پٽ کي گرفتار ڪري ورتو.
فريئر پوليس موجب چوڌري خليق الزمان روڊ تي ڪارروائي دوران اسٽريٽ ڪرائم جي واردات ۾ ملوث عورت ۽ سندس پٽ کي گرفتار ڪيو ويو.
پوليس ٻڌايو ته جوابدارن وٽان پسٽل، منشيات ۽ موٽر سائيڪل برآمد ڪئي وئي، جڏهن ته گرفتار جوابدار حارث ۽ عائشا ڪياماڙي جا رهواسي آهن.
You might also like