دادو ۾ ڦورو ساٿين جي گولي لڳڻ سبب مارجي ويو

دادو (ويب ڊيسڪ) دادو ويجهو ڳوٺ شير محمد سولنگي ڀرسان ڳوٺاڻي کان موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ دوران مزاحمت تي ساٿين جي گولي لڳڻ سبب هڪ ڦورو مارجي ويو.
مخدوم بلاول ٿاڻي جي حد ۾ ڦورو ڳوٺاڻي يونس سولنگي کان موٽرسائيڪل ۽ روڪ رقم ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته مزاحمت تي ڦورن فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ پنھنجي ئي ساٿين جي گولي لڳڻ سبب ڦورو جعفر عرف پوڙھو شاھاڻي مارجي ويو.
اطلاع ٿي مخدوم بلاول پوليس پھچي مارجي ويل ڦورو جو لاش اسپتال منتقل ڪيو جڏهن ته سندس ساٿي فرار ٿي ويا.
پوليس جو چوڻ هو ته مارجي ويل ڦورو جا ٻيا ساٿي ڳوٺاڻي يونس سولنگي کان موٽرسائيڪل ۽ 12 ھزار روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا آھن.
پوليس جو وڌيڪ چوڻ هو ته مارجي ويل ڦورو جي قبضي مان ھڪ ڪلاشنڪوف ۽ 20 گوليون هٿ ڪيون ويون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.