ڪنڊياري ۾ هٿياربندن هٿان پيرسن عورت قتل

ڪنڊيارو (ويب ڊيسڪ) ڪنڊيارو ڀرسان ڳوٺ مهرو خان ميتلو ۾ هٿياربندن گوليون هڻي 55 سالا عورت راڻي ميتلو کي قتل ڪري ڇڏيو.
ڳوٺاڻن جي اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتولا جو لاش اسپتال منتقل ڪيو جتان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.
مقتولا جي وارثن جو چوڻ هو ته اسان جو رند برادري جي ماڻهن سان جهيڙو هلندڙ آهي، جن گهر تي حملو ڪري پيرسن عورت کي قتل ڪيو آهي
پوليس جو چوڻ هوته رند ۽ ميتلا برادري وچ ۾ پراڻو سڱاوتي تڪرار هلندڙ آهي واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.