طاقت ۽ ٺڳي جي ھن سياست ۾ جيڪي لفظ گھڻي کان گھڻا استعمال ٿين ٿا انھن مان ”نوجوان” لفظ به ھڪ آھي. لبرل سياستدان جي جلسن جلوسن، ڪانفرنسن توڙي کليل ڪچھرين ۾ به اھو لفظ گونجندو نظر ايندي. تازو ئي بلاول صاحب جا به ان قسم جا بيان ٻڌڻ ۾ اچن پيا ته نوجوانن کي سياست ڪرڻ گھرجي وغيره وغيره، ساڳي ريت عمران خان جي وڌ کان وڌ ووٽ بينڪ به 18 کان 30 سالن جو نوجوان آھي جنھن کي ھن جذباتي نعرن سان ايئن ريجھائي رکيو آ جيئن روئندڙ ٻار کي چوپڻي ڏئي ريجھائبو آھي.
ڏٺو وڃي ته عمران خان ۽ بلاول جھڙن سياستدانن جي نوجوانن تي سياست ڪرڻ جو واضح مقصد اھو آھي ته نوجوانن جي کي ڪنھن نه ڪنھن طريقي سان پاڻ ڏانھن مائل ڪن ڇاڪاڻ ته ايندڙ اليڪشن جو وڌ کان وڌ ووٽ ان آبادي جو ئي ھوندو. ٻئ پاسي ڏٺو وڃي ته اھا آبادي جيڪا لڳ ڀڳ 65 سيڪڙو آھي سڀ کان وڌيڪ پرجوش، جذباتي، ۽ پاڪستان جي رياستي ڍانچي اندر جذباتي نعرن مان جلد متاثر ٿيندڙ آبادي پڻ آھي ڇاڪاڻ ته نوجوانن جي انيڪ خاصيتن مان ھڪ خاصيت تبديلي جي خواھش به ھوندي آھي.
نوجوانن جي ان آبادي کي وڏي رٿابندي تحت گھر کان ويندي تعليمي ادران تائين اھڙي تربيت ملي ٿي جيڪا رياست ۽ سياستدان جي وٽ وٽان آھي. مذھبي گھراڻن ۾ پلجندڙ نوجوان وٽ عقل کان وڌيڪ جذبات جو غلبو ھجي ٿو. ٻھراڙين جي جاگيرداري ڪلچر ۾ کين فرمانبرداري جو ستي ڄمڻ سان ئي ملي ٿي جيڪا وڏيرن جي چاپلوسي تي دنگ ڪري ٿي. ھوڏانھن شھرن جي نوجوان آبادي کي پنھنجي ادارن ۾ گسائي گسائي کائن تنقيدي ۽ تخليقي شعور کسيو وڃي ٿو. پوءِ رياست ۽ ان جي ڳيجھو حڪمرانن کي باقي کپي به ته ڇا؟ٿوري دير لاءِ رياست ۽ حڪمرانن جا نوجوان جي بھبود ۽ ڀلائي لاءِ بيان بازي کي پاسي تي رکي اچو ته ڏسون ته ملڪ جي ان سٺ سيڪڙو آبادي کي ڏيڻ لاءِ رياست ۽ سندس پٺو حڪمرانن وٽ ڇا آھي؟
دنيا جتي ڪھڪشائي رفتار سان تعليم صحت ٽيڪنالاجي ۽ ھاڻي مصنوعي ذھانت جھڙن شعبن ۾ ترقي ڪري رھي آھي اتي اسان جي ملڪ ۾ خواندگي جي شرح فقط 58 سيڪڙو آھي جيڪا ڏکڻ ايشيا جي ڪيترن ۽ ملڪن کان گھٽ آھي. 15 کان 30 سالن جا لڳ ڀڳ 30 سيڪڙو نوجوان اڻ پڙھيل آھن. مطلب ته اھي سادا جملا لکڻ پڙھڻ ۽ سادا حثاب ڪرڻ جي اھل ناھن.
ھن جديد دور ۾ اسان جا 28 ملين ٻارڙا اسڪولن کان ٻاھر آھن. جيڪي ڪجھ سالن ۾ نوجوان جي فھرست ۾ شامل ٿيندا. پاڪستان جي ڪل آبادي مان %92 ماڻھن جي پرائمري تعليم تائين رسائي آھي، 35 سيڪڙو آبادي سيڪنڊري تعليم تائين رسائي حاصل ڪري ٿي جڏھن ته فقط %8 نوجوان ڪاليجن ۽ يونورسٽين ۾ پھچي سگھن ٿا جن مان ڪيترائي غربت سبب پڙھائي اڌ ۾ ڇڏي وڃن.
ساک وارن ادارن جي انگ اکرن موجوب يونيورسٽي جي تعليم مڪمل ڪندڙ لڳ ڀڳ 40 سيڪڙو نوجوان بيروزگار آھن جڏھن ته اڪثر نيم بيروزگار يعني پنھنجي قابليت جي حثاب سان بنهھ گھٽ پگھارن تي مختلف شعبن ۾ ڪم ڪن ٿا. مٿي ٻڌايل انگ اخر فقط تعليم ۽ روزگار مطلق آھن ٻين شعبن ۾ نوجوانن سان جيڪا جٺ ٿئي ٿي ان جو داستان الڳ آھي. خاص ڪري جسماني ۽ ذھني صحت جي حوالي سان اسان جو نوجوان ٻين ملڪن کان تمام پوئتي آھي.سنڌ توڙي سڄي پاڪستان ۾ خودڪشي جا وڌندڙ واقعا رياست جي نوجوانن جي ذھني صحت ڏانھن سنجيدگي کي واضح ڪن ٿا. صحت جي عالمي ادارن مطابق پاڪستان ۾ خودڪشي جي شرح 8 فيصد تائين پھتل آھي. جڏھن ته صحت جي ماھرن مطابق پاڪستان جي 75 سيڪڙو آبادي ڊپريشن ۾ ورتل آھي.نوجوانن جي ان حالت جو ذميوار پاڪستاني رياست جو طبقاتي طرز جو ڍانچو آھي جنھن ۾ فقط امير ماڻھو جي رھڻ ۽ بھتر زندگيءَ گذارڻ جي گنجائش آھي.
توڙي جو اميرن لاءِ ھن ملڪ ۾ غريبن جي ڀيٽ ۾ بھتر زندگيءَ گذارڻ لاءِ وڌيڪ موقعا ميسر آھن تنھن ھوندي به امير توڙي ھاڻي مڊل ڪلاس خاندانن جا ڪيترائي نوجوان ٻاھرين ملڪن طرفان ڀڄڻ ۾ پورا آھن. جنھن کي brain drain چيو وڃي ٿو. سادن لفظن ۾ سٺن ذھنن جي ٻين ملڪن ڏانھن منتقلي ٿي رھي آھي، جيڪا ڳالهھ پڻ ھن جڳاڙي رياست جي ڳچي ۾ اوس پوڻي آھي.
مٿي بيان ڪيل سڄي منظر نامي مان واضح آھي ته ھن جڳاڙي حڪومتي نظام ۽ سندس ڳيجھو ٽولي وٽ نوجوان کي ڏيڻ لاءِ فقط بک بدحالي بيروزگاري ۽ تبديلي جا کوکلا نعرا آھن. بلاول جيڪو نوجوانن کي سياست ۾ ڏسڻ چاھي ٿو، ان کان پڇاڻو ٿيڻ گھرجي ايترو عرصو حڪومت ۾ رھڻ جي باوجود به شاگرد يونين جي بحالي لاءِ فقط جڳاڙي ۽ اڌوکارا بل پاس ڪرڻ کان اڳتي پيش رفت ڇو نه ٿي سگھي آھي. ساڳي وقت عمران نيازي کان به پڇاڻو ٿيڻ گھرجي ته ھن پنھنجي دور حڪومت ۾ نوجوانن کي تبديلي جي کوکلن نعرن کان سواءِ ٻيو ڇا ڏنو؟
جيئن ته حڪومت ۽ ان جي حڪمرانن جون نوجوانن جي قسمت بدلائڻ لاءِ ورتل اڻ ٿڪ محنتون سندس سامھون آھن تنھنڪري ھاڻي فيصلو انھن تي ڇڏجي ٿو ته ايندڙ اليڪشن ۾ وري ساڳين حڪمرانن جي کوکلن نعرن پويان ٿا خوار ٿين، يا پنھنجي بھتر مستقبل لاءِ متبادل طور حقيقي عوام دوست سياست جي چونڊ ٿا ڪن.