هونئن ته هاڻي شارٽ ميسيج سروس (ايس ايم ايس) جو استعمال گھڻو ناهي ٿيندو پر ٻين ايپس جهڙو واٽس ايپ کي وڌيڪ ترجيح ڏني ويندي آهي.
پر اڃا به ڪيترائي ماڻهو ايس ايم ايس کي استعمال ڪندا آهن.
پر ايس ايم ايس موڪلڻ دوران جيڪڏهن ميسيج ۾ ڪا غلطي ڪئي وڃي ته پوءِ ان کي درست ڪرڻ ممڪن ناهي هوندو.
پر هاني ائين ممڪن ٿي سگھندو ڇو جو ايس ايم ايس لاءِ گوگل ميسيجز ايپ ذريعي موڪليل ميسيج کي ايڊٽ ڪرڻ جو فيچر متعارف ڪرايو پيو وڃي.
اهڙيءَ طرح جو فيچر واٽس ايپ ۽ ڪيترين ئي ميسيجنگ ايپس ۾ موجود آهي.
هڪ رپورٽ موجب گوگل ميسينجر ايپ جي ڪوڊ مان اشارو مليو آهي ته ڊيفالٽ اينڊرائڊ چيٽ ايپ ۾ ميسيج ايڊٽ سپورٽ ڏني پئي وڃي.
گوگل پاران ميسيجز ايپ جي ڪوڊ ۾ اها تبديلي نومبر 2023ع جي آخر ۾ ڪئي وئي هئي.
رپورٽ موجب گوگل پاران اڃا ان فيچر تي ڪم ڪيو پيو وڃي ۽ اڃا اهو چوڻ ڏکيو آهي ته ڪيستائين ان کي واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرائي سگھبو.
پر پوءِ به اها گوگل ميسيجز ايپ ۾ هڪ وڏي اپ ڊيٽ هوندي.
گوگل پاران ميسيجز ايپ کي ايپل جي آءِ ميسيج جي مقابلي ۾ تيارڪيو ويو آهي ۽ ان سان توقع آهي ته مختلف فيچرز ذريعي ان کي آءِ ميسيج جو بهترين متبادل بڻائي سگھجي ٿو.
You might also like