ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، بلاول جي مڱڻي ۽ افواهن تي چيو آهي ته جڏهن منهنجي مڱڻي ٿي هئي ته بيبي لنڊن مان پريس رليز جاري ڪئي هئي.
خانگي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ميزبان جڏهن بلاول جي مڱڻي ۽ شادي بابت آصف زرداري کان سوال ڪيو جنهن تي آصف زرداري چيو ته ”هاڻي آئون پنهنجي گھر جون ڳالهيون به ٽي وي تي ٻڌايان“.
آصف زرداري جو پنهنجي، بلاول ۽ آصفه جي مستقبل جي حوالي سان چوڻ هو ته بلاول نوجوانن جو ليڊر آهي اڃا 15 سال يوٿ جو نمائيندو رهي سگھي ٿو، منهنجي خواهش آهي ته آصفهڀٽو اليڪشن ۾ اچي، آصفه هن وقت سوشل ميڊيا ڏسندي آهي.
هن چيو ته بلاول ۽ آصفه جو لنڊن ۾ رهڻ سبب ٻوليءَ جو بيريئر آهي، بلاول جي ٻوليءِ جو بيريئر ٽٽي ويو آهي، آصفه جو باقي آهي.