تازو انٽرويو: بلاول سکي ورتو، هاڻي آصفا کي سياست ۾ ڏسڻ چاهيان ٿو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته چونڊون اڄ، سڀاڻي يا پرينهه ٿين پر 8 کان 18 فيبروري تائين ٿين، ٿيڻون به آهن.

نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته اليڪشن جي تاريخ ڏيڻ يا تاريخ کي اڳتي پوئتي ڪرڻ اليڪشن ڪميشن جو اختيار آهي، منهنجو اختيار ناهي.

هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته بي بي صاحبا جڏهن حلف کنيو ته هن چيو ته مون والد جو پلاند وٺي ڇڏيو، ڇو ته جمهوريت ئي سڀ کان بهتر پلاند آهي، ذوالفقار علي ڀٽو ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر ٿيو آهي، چيف جسٽس کي مبارڪ ڏيان ٿو.

پي ٽي آءِ باني تي تنقيد ڪندي هن چيو ته جيڪو لاڏلو جيل ۾ آهي، ان کي 30 سالن ۾ ٺاهيو ويو آهي، اسان کي ياد آهي، ان کي حميد گل لانچ ڪيو هو، هي جيڪي پيسا وٺي رهيو هو ۽ ماڻهو ان کي ورهائي رهيا هئا، اهو سڀ کيس مٿي آڻڻ لاءِ اپ لفٽ هو، پوءِ جڏهن لاڳاپا خراب ٿيا ته پراجيڪٽ، اي بي، سي، ڊي تي هليو ويو ۽ پوءِ ڪنهن کي ياد پيو ته پراجيڪٽ اي تي اچي ويو.

هن چيو ته مان جيل ۾ هيس، وٺ وٺان ڪئي وئي، وڙهندو رهيس، جمهوري حق آهي، اسان کي استيبشمينٽ ۽ اسٽيڪ هولڊرز سان گڏ هلڻو آهي.

اڳوڻي صدر چيو ته پي ٽي آءِ سربراهه کي آڻڻ سازش هئي، ماڻهو کيس 2035 تائين هلائڻ چاهين پيا، کيس نه هٽايون ها ته ملڪ ڊيفالٽ ٿي چڪو هجي ها.

سندس چوڻ هو ته توهان کي خبر آهي ته هو افغانين بابت ڇو ڳالهائيندو آهي؟ هن ووٽ رجسٽر ڪرايا آهن افغانين جا، سڃاڻپ اڪرڊ ٺاهي ڪي پي ۾ ووٽ رجسٽر ڪرا ويا، هر اليڪشن لاءِ، ان لاءِ اهو افغانين تي وڌيڪ ڳالهائي ٿو ته هجڻ گهرجن ۽ لشڪر جهنگوي جون آفيسون کولڻ گهرجن. خدا جو خوف ڪر، ڇا سول وار طرف وڃون؟

هن چيو ته ٻاهر ويٺل ولاگرز چون پيا ته پي ٽي آءِ کٽيندي، انهن کي جمائما پيسا ڏئي رهي آهي. هن چيو ته مان حڪومت ۾ نه آيس ته مون جهڙا ماڻهو ته ايندا، پيپلزپارٽي پنهنجو وزيراعظم ٺاهي سگهي ٿي، مان ئي شهباز شريف کي وزيراعظم بڻايو هو ان جا نمبر پورا ڪري ڏنا، مان وزيراعظم بڻجندس يا بلاول، اهو وقت ٻڌائيندو.

هن چيو ته مان شهباز شريف کي اپوزيشن ليڊر نه بڻايان ها، خورشيد شاهه کيس مارائي وڌو، منهنجي پٽ کان سائن ورتي وئي، مان ڪجهه ڪري نه سگهيس.

سندس چون هو ته بلاول ڀٽو نوجوان پرڏيهي وزير رهيو، کيس سياست سيکارڻ جي ضرورت ناهي.

بلاول جي حوالي سان پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر جو چوڻ هو ته بلاول نوجوانن جو ليڊر آهي، خواهش آهي ته آصفا ڀٽو اليڪشن ۾ اچي، آصفا اڃا اسان جو سوشل ميڊيا ڏسندي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.