مڇر ڪالوني ۾ ”پيپلزپارٽي“ جي هٿياربندن هٿان 3 ڄڻا قتل: ايم ڪيو ايم جو الزام

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي مڇر ڪالوني ۾ زمين جي تڪرار تان ٻن گروهن ۾ جهيڙو ٿي پيو جنهن دوران ٽي ڄڻا گوليون لڳڻ سبب مارجي ويو.

پوليس چيو آهي ته واقعو زميني تڪرار تان پيش آيو آهي پر ايم ڪيو ايم الزام هنيو آهي ته سندن ڪارڪنن کي پيپلزپارٽي جي هٿياربندن نشانو بڻايو.

ڊي آءِ جي ڏکڻ اسد رضا ٻڌايو ته مارجي ويلن ۾ 55 سالن جو سراج ۽ عبدل عرف عبدو شامل آهن، متاثر بنگالي هئا، بنگالي ۽ پختونن وچ ۾ دشمني تان جهيڙو ٿيو.

فائرنگ جو مک جوابدار نثار پٺاڻ ۽ سندس ڀاءُ گلزار آهن جن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

ڊي آءِ جي فائرنگ پٺيان ڪنهن به سياسي محرڪ کي رد ڪيو ۽ چيو ته جوابدارن جو تڪرار 5 کان 6 سالن کان هلي رهيو هو.

ٻئي پاسي ايم ڪيو ايم جي ڊپٽي ڪنوينر انيس قائم خاني پوليس جي دعويٰ رد ڪئي ۽ چيو ته پيپلزپارٽي جي ڪارڪنن سندن پارٽي جي چونڊ مهم ۾ مصروف ڪارڪنن کي گولين جو نشانو بڻايو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.