ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سياري جي موسم جي نئين سسٽم جي اثرن تحت ڪراچي ۾ 18 ڊسمبر کان موسم ٿڏي ٿيڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي موجب هلندڙ سال سياري جي موسم جي برسات وسائيندڙ ٻيو سسٽم 15 ڊسمبر تي بلوچستان ۾ داخل ٿيندو، جيڪ هڪ ئي وقت ملڪ جي مٿانهن علائقن ۽ سنڌ تي اثرانداز ٿي سگھي ٿو.
برساتي سسٽم سبب ٿڌيون هوائون ڪراچي شهر سميت سنڌ جي ٻين ضلعن تي اثرانداز ٿي سگھن ٿيون، جنهن جي نتيجي ۾ 18 ڊسمبر کان ڪراچي ۾ پارو ڪرڻ ۽ موسم ٿڌي ٿيڻ جوامڪان آهي.
چيف ميٽرولوجسٽ ڪراچي سردار سرفراز موجب سياري جي موسم جي نئين امڪاني سسٽم تحت ڪراچي ۾ برسات جي صورتحال ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ واضح ٿيندي، پر اهو امڪان موجود آهي ته هاڻوڪن ڏينهن جي ڀيٽ ۾ موسم ٿڌي ٿي ويندي.
هن چيو ته ڪجهه ڏينهن دوران ڪراچي ۾ موسم ڏينهن جي وقت صاف ۽ رات جو ٿڌي رهڻ جو امڪان آهي.
موسمياتي کاتي جي ارلي وارننگ سينٽر جي اڳڪٿي موجب ايندڙ 3 ڏينهن دوران منجهند جي وقت آسمان صاف ۽ تيز اُس نڪرڻ جو امڪان آهي، رات ۽ صبح جي وقت موسم ٿڌي رڪارڊ ٿي سگھي ٿي.
ارلي وارننگ سينٽر موجب ڪراچي ۾ بلوچستان جي اتر اوڀر هوائن کانسواءِ سامونڊي هوائون به گھلي سگھن ٿيون، اڱاري جي ڏينهن صبح جي وقت شهر ۾ ڪوهيڙي سبب نظر جي حد متاثر ٿي سگھي ٿي.
You might also like