دادو (ويب ڊيسڪ) سيتا روڊ ۾ نوجوان شادي نه ٿيڻ تي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو.
ڳوٺ ڪامل پليپوٽو جي رهواسي 20 ورهين جي عبدالجبار پليپوٽو زهريلي دوا پِي خودڪشي ڪئي.
آپگهات ڪندڙ نوجوان جي والد ميڊيا کي ٻڌايو ته پٽ پسند جي شادي ڪرڻ چاهي پيو، غربت سبب شادي نه ڪرائي سگهيس، جنهن سبب هن اهڙو قدم کنيو.