ٽنڊو آدم ۾ افسوسناڪ حادثو، عورت معصوم ڌيءَ سميت چيڀاٽجي فوت

ٽنڊو آدم (ويب ڊيسڪ) ٽنڊو آدم ۽ ڀرپاسي ۾ ٻن روڊ حادثن سبب 3 ڄڻا فوت ٿي ويا.

جهول روڊ تي ڪار ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر ٿي پيو، حادثي جي نتيجي ۾ مسمات خانزادي ۽ نينگري راحيلا فوت ٿي ويون.

ميرپورخاص روڊ تي چنگچي رڪاش ڪلٽي ٿيڻ سبب ڊرائيور محمد اسلم فوت ٿي ويو.

ٽنڊو آدم شهر ۾ حادثي ۾ موٽرساسائيڪل هلائيندڙ بشير ملوکاڻي سخت زخمي ٿي پيو، جن کي اسپتال نيو پئي ويو ته هن رستي ۾ دم ڏنو.

ٽنهي فوتين جا لاش اسپتال پهچايا ويا، جتان ضروري ڪارروائي کانپوءِ وارثن حوالي ڪيا ويا..

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.