پيپلزپارٽي ڪنهن به صورت چونڊون ملتوي ڪرڻ نٿي چاهي: تاج حيدر ۽ ٻيا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ تاج حيدر چيو آهي ته پيپلز پارٽي ڪنهن به صورت ۾ چونڊون ملتوي ڪرڻ نٿي چاهي، اليڪشن ڪميشن چونڊن بابت يقين ڏياريو آهي.

اسلام آباد ۾ اليڪشن ڪميشن آفيس ٻاهران پ پ اڳواڻن سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي سينيٽر تاج حيدر چيو ته پيپلز پارٽي چونڊن ۾ دير نٿي چاهي، اسان کي يقين ڏياريو ويو آهي ته چونڊن ۾ دير نه ٿيندي.

هن چيو ته اليڪشن ڪميشن چونڊن بابت يقين ڏياريو آهي، صاف ۽ شفاف چونڊن لاءِ اليڪشن ڪميشن کي تجويزون ڏنيون آهن.

هن وڌيڪ چيو ته اسان اليڪشن ڪميشن کي تجويز ڏني آهي ته چونڊن ۾ دير بابت درخواستن کي ٻڌڻي جوڳو قرار نه ڏنو وڃي ۽ انهن جي باقائدگي سان ٻڌڻي نه ڪئي وڃي.

سينٽرل تاج حيدر سان گڏ موجود فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر سان ملاقات هاڪاري رهي، چيف اليڪشن ڪمشنر کي خدشن کان آگاهه ڪيو.

هن چيو ته اليڪشن ڪميشن ۾ اسان جي ملاقات سٺي رهي، پيپلز پارٽي کي اليڪشن ڪميشن تي مڪمل اعتماد آهي.

ان کان اڳ پيپلز پارٽي جي وفد اسلام آباد ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر سان ملاقات ڪئي، وفد ۾ پ پ اڳواڻ سينيٽر تاج حيدر، فيصل ڪريم ڪنڊي، سعيد غني ۽ ناصر حسين شاهه شامل هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.