ايشيائي ترقياتي بينڪ پاڪستان لاءِ 150 ملين منظور ڪري ڇڏيا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاڪستان لاءِ 15 ڪروڙ 55 لک ڊالر فنانسنگ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي اعلان موجب ان رقم سان عورتن لاءِ سڌارن جو پروگرام شروع ٿيندو، عورتن کي مائيڪرو، سمال ۽ ميڊيم انٽرپرائزز لاءِ قرضن تائين بهتر رسائي هوندي.

پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته مالياتي رقم 10 ڪروڙ ڊالر پاليسي قرض آهي ۽ پروگرام ۾ 55 لک ڊالر جي گرانٽ شامل آهي، جڏهن ته 5 ڪروڙ ڊالر قرض ڏيندڙ ادارن کي ڏنا ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.