ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ۽ پ پ اڳواڻ سيد قائم علي شاهه جو ڀاڻيجو پ پ کي ڇڏي نون ليگ ۾ شامل ٿي ويو آهي.
ن ليگ اڳواڻ بشير ميمڻ چيو آهي ته شهزاد جيلاني نواز شريف سان ملاقات ڪري نون ليگ ۾ شموليت اختيار ڪري ورتي.
ن ليگ سنڌ جي صدر بشير ميمڻ چيو ته شهزاد جيلاني سموري زندگي پ پ پ سان رهيو پر هن ن ليگ ۾ شموليت اختيار ڪري بهتر فيصلو ڪيو آهي، اسان سنڌ جي ترقي ۽ مستقبل کي بهتر ڏسڻ چاهيون ٿا.
هن چيو ته سنڌ جي صورتحال رحم جوڳي آهي تعليمي ادارا، صحت کاتو، روڊ رستا، ناليون اسپتالون خراب صورتحال ۾ آهي
سندس چوڻ هو ته سنڌ جي ترقي لاءِ سڀني سياسي پارٽين وٽ لڙي وينداسين، جيڪڏهن نواز شريف سسٽم جو هجي ها ته ٻاهر ڇو هجي ها.