نواز شريف لاڏلو نه ٿئي، وزيراعظم بلاول ٿيندو: خورشيد شاهه

سکر (ويب ڊيسڪ) سکر جي احتساب عدالت ۾ آمدني کان وڌيڪ اثاثن بابت ريفرنس جي ٻڌڻي18 ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي وئي.

آمدني کان وڌيڪ اثاثن بابت ريفرنس جي سلسلي ۾ خورشيد شاهه، اويس قادر شاهه، فرخ شاهه، زيرڪ شاهه ۽ ٻيا احتساب عدالت ۾ پيش ٿيا.

خورشيد شاهه ۽ ٻين خلاف ريفرنس ۾ بينڪ جي شاهد جو بيان قلمبند ڪيو ويو.

عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد احمد شاهه جو چوڻ هو ته نواز شريف تي لاڏلي ٿيڻ جا الزام لڳي رهيا آهن، اهي لاڏلا نه ٿين.

هن چيو ته عام چونڊن ۾ سرپرائيز ايندو، ملڪ جو وزيراعظم بلاول ڀٽو زرداري هوندو.

خورشيد شاهه چيو ته مون خلاف نيب جيڪي الزام هنيا، اهي چئن سالن ۾ ثابت ناهن ڪيا ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.