غير شرعي نڪاح ڪيس: درخواست تي فيصلو محفوظ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد جي عدالت غير شرعي نڪاح ڪيس جي ٻڌڻي جوڳي هجڻ يا نه هجڻ بابت درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ جي جج قدرت الله پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ بشريٰ بي بي خلاف غير شرعي نڪاح ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي جي سلسلي ۾ بشريٰ بي بي جو اڳوڻو مڙس خاور مانيڪا عدالت ۾ پيش ٿي حاضري لڳرائي جڏهن ته خاور مانيڪا جو وڪيل رضوان عباسي به عدالت ۾ پيش ٿيو.

ٻڌڻي دوران جج ريمارڪس ڏنا ته قانون واضح آهي جنهن کي تبديل نٿا ڪري سگهون، فيصلا تڏهن ضرورت هوندا آهن جڏهن قانون واضح نه هجي.

ٻڌڻي دوران درخواست گذار جي وڪيل پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي کي نوٽيس جاري ڪرڻ جي استدعا ڪئي.

ان تي جج چيو ته خاور مانيڪا کي اڌ شڪايت ڪندڙ ۽ اڌ شاهد نٿا بڻائي سگهون، ان تي درخواست گذار جي وڪيل چيو ته نڪاح خوان به موجود آهي، اکين ڏٺو شاهد به موجود آهي.

تنهن بعد عدالت غير شرعي نڪاح ڪيس ٻڌڻي جوڳو هجڻ يا نه هجڻ تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.