حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي اطلاعات واري نگران وزير احمد شاهه چيو آهي ته غير رجسٽرڊ افغانين کي ڪڍيو پيو وڃي، اڳتي هلي وڌيڪ سخص فيصلا ٿيندا.
حيدرآباد پريس ڪلب ۾ صحافين سان ڳالهائيندي احمد شاهه چيو ته غير قانوني پرڏيهين کي ڪڍڻ جي عمل ۾ حڪومت پوئتي نه هٽندي، سڀ کان وڌيڪ اثر ڪي پي ڪي ۾ پيو آهي، جيڪي افغاني رجسٽرڊ آهن، انهن کي نه پيا ڪڍون.
هن چيو ته صحافي جان محمد مهر جي قتل تي سنڌ جا صحافي ڪاوڙ ۾ آهن، سکر جي ايس ايس پي قاتل جي سر جي قيمت 50 لک رکڻ جي درخواست ڪئي هئي، 50 لک رپين جي هيڊ مني جي منظوري ڏني وئي آهي.
سندس چوڻ هو ته اسان جو ڪم چونڊون ڪرائڻ نه اليڪشن ڪميشن کي سهولتون ڏيڻ آهي، گذريل حڪومت جي پبلڪ انٽرسٽ جي سڀني منصوبن کي تيز ڪنداسين.
Next Post
You might also like