ڏوڪري: عادل الطاف انڙ فائنل، منير سوهو آئوٽ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سکر ۾ اڄ پيپلزپارتي پاران شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ورسي جي حوالي سان اجلاس ڪوٺايو ويو هو جنهن ۾ مختلف اڳواڻن شرڪت ڪئي.

تقريب ۾ عادل الطاف حسين انڙ سميت ٻين شرڪت ڪئي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته تڪ پي ايس 13 تي پ پ پ طرفان عادل انڙ جو نالو فائنل ڪيو ويو آهي جڏهن ته منير سوھو ٻاهر ٿي ويو آهي.

اهڙي خبر پوڻ تي پي ايس تيرهن جي عوام پاران انتهائي خوشي جو اظهار ڪيو ويو، مختلف يوسيز جي عوام پاران انڙ هائوس علي آباد پهچي عادل الطاف خان انڙ ۽ عدنان الطاف خان انڙ کي مبارڪون ڏنيون ويون.

سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل پوسٽ ۾ پي ايس تيرهن جي عوام عادل الطاف انڙ جو نالو فائنل ٿيڻ تي خوشي جو اظهار ڪرڻ سان گڏ مٿس مڪمل اعتماد ڪرڻ جو به ڀرپور اظهار ڪيو.

خيال رهي ته تقريب دوران نثار احمد کهڙي چيو هو ته هن وقت تائين هنن ڪنهن کي فائنل ناهي ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.