48 لک رپين جو ڪوڙو چيڪ ڏيندڙ اڳوڻي سيڪريٽري کي قيد جي سزا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گهوٽڪي جي عدالت اڳوڻي اطلاعات واري سيڪريٽري صفدر علي شاهه کي 48 لک رپين جي جعلي چيڪ ڪيس ۾ هڪ سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي.

عدالت اڳوڻي اطلاعات واري سيڪريٽري صفدر علي شاهه تي 5 هزار رپيا ڏنڊ به لاڳو ڪيو.

درخواستگذار سيد عطا شاهه 2022ع ۾ اڳوڻي اطلاعات واري سيڪريٽري خلاف جعلي چيڪ جاري ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو هو.

عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد جوابدار صفدر علي شاهه کي سزا ٻڌائي ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.