شهدادپور (ويب ڊيسڪ) شهدادپور ۾ تيز رفتار ٽرڪ موٽرسائيڪل کي ٽڪر هڻي ڪڍيو جنهن جي نتيجي ۾ شاگرد فوت ٿي ويو.
ڏيٿا چوڪ وٽ تيز رفتار ٽرڪ موٽرسائيڪل کي ٽڪر هنيو، حادثي سبب شاگرد محمد افنان راجپوت ٽرڪ هيٺان اچي فوت ٿي ويو جڏهن ته سندس موٽرسائيڪل به ٽرڪ هيٺان اچي تباهه ٿي وئي.
اطلاع تي پوليس پهچي ٽرڪ ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو جڏهن ته شاگرد جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو.