فاطما ڦرڙو ڪيس جي ٻڌڻي: ٺاهه لاءَ دٻاءُ وڌو پيو وڃي: وارث

خيرپور (ويب ڊيسڪ) خيرپور جي عدالت فاطما ڦرڙو قتل ڪيس جي ٻڌڻي وڪيلن جي استدعا تي 18 ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي وئي.

ڪيس جو مک جوابدار پير اسد شاهه، فياض شاهه، حنا شاهه ۽ امتياز ميراثي دهشتگردي ٽوڙ عدالت خيرپور م پيش ڪيا ويا.

فاطما ڦرڙو جي ماءُ شبنم ڦرڙو جو چوڻ هو ته اسان تي ٺاهه لاءِ دٻاءُ وڌو پيو وڃي پر قاتلن سان ڪڏهن به ٺاهه نه ڪنداسين.

فاطما ڦرڙو جي پيءُ نديم ڦرڙو چيو ته اسان کي عدالت مان انصاف جي اميد آهي، نياڻي سان انصاف ضرور ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.