ادارن جي نجڪاري لاءِ آرڊيننس جاري ڪرڻ جو فيصلو، ايپيلٽ ٽربيونل قائم ڪيو ويندو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نگران وفاقي حڪومت پي آءِ اي سميت سرڪاري ادارن جي نجڪاري ۾ رنڊڪون ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
ذريعن موجب نگران وفاقي ڪابينا نجڪاري يقيني بڻائڻ لاءِ آرڊيننس جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته نجڪاري خلاف درخواستن تي ٻڌڻي لاءِ اپيليٽ ٽربيونل قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ نجڪاري ڪميشن اپيليٽ ٽربيونل جو فيصلو رڳو سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري سگهبو.
ذريعن موجب مختلف عدالتن ۾ ڪيس داخل ٿيڻ سان نجڪاري جو عمل بري طرح متاثر ٿيو، ملڪي ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن جي مطالبي تي اپيليٽ قائم ڪرڻ جو فيصلو ٿيو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته سڄي ملڪ جي هاءِ ڪورٽس ۽ ٻين عدالتن ۾ جاري ڪيسن اپيليٽ ٽربيونل کي منتقل ٿي ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.