قمبر (ويب ڊيسڪ) قمبر ۾ ميرو خان روڊ تي لوڊ رڪشا ڪلٽي ٿيڻ سبب پورهيت فوت ٿي ويو.
حادثي ۾ 50 ورهين جو راڻو مستوئي فوت ٿي ويو جنهن جي فوت ٿيڻ بعد سندس گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.
سندس ڀاءُ چيو ته پورهيت روزگار سانگي وڃي رهيو هو ته اڻڄاتل گاڏي جي ٽڪر ۾ سندس لوڊر رڪشا ڪلٽي ٿي پيو ۽ هو فوت ٿي ويو.