ڀارتي وزير جو ديپيڪا لاءِ انوکو تحفو

ڀارتي رياست ناگالينڊ جو سياحت ۽ اعليٰ تعليم وارو وزير تيمجن ايمنا ايلونگ انٽرنيٽ تي پسنديده سياستدان آهي، هو پنهنجي مزاحيا سوشل ميڊيا پوسٽن جي حوالي سان مقبول آهي، جڏهن ته پنهنجي اباڻي رياست کي هٿي ڏيڻ ۾ به ماهر آهي.
تيمجن ايمنا ايلونگ تازو بالي ووڊ اداڪارا ديپيڪا پڊوڪون جي والدين سان ملاقات ڪئي ۽ انهن کي پيش ڪيل تحفي جي تصوير شيئر ڪئي.
ايمنا ايلونگ بيڊمنٽن جي ليجنڊ پرڪاش پڊوڪون ۽ سندس گهرواري اجالا سان ملاقات ڪئي، جيڪي ديپيڪا جا والدين آهن.
هن ناگالينڊ جي خاص سڃاڻپ هڪ ”ڪدو“ کين تحفي ۾ ڏنو ۽ اهو ديپيڪا کي ڏيڻ جي درخواست ڪئي.
ان موقعي تي ڪڍيل تصوير شيئر ڪندي ايمنا لکيو ته ديپيڪا پڊوڪون لاءِ آرگينڪ تحفو، هاڻ ئي ديپيڪا جي والدين کي سوکڙي ڏني آهي، ڇو ته ڪٿي نه ڪٿي مستاني به وڃي ويندي ته ناگالينڊ جي شاندار سبزين خاصيت آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.