ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ايف بي ايريا ۾ غير قانوني عمارت جي تعمير بابت ڪيس ۾ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ڊائريڪٽر سينٽرل جو سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ ۽ عدالت جي اجازت بنا ڪنهن آفيسر کي تبديل نه ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪراچي جي علائقي ايف بي ايريا ۾ غير قانوني عمارت جي تعمير خلاف ٻڌڻي ٿي.
حڪمن باوجود ڪارروائي نه ڪرڻ تي عدالت ايس بي سي اي اختيارين تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.
عدالت ڊائريڪٽر ايس بي سي اي سينٽرل جو سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته جيستائين غير قانوني حصو مسمار نٿو ڪيو وڃي، تيستائين ڊائريڪٽر جو ڪارڊ بلاڪ رهندو.
عدالت 18 ڊسمبر تي غير قانوني فلور مسمار ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
Prev Post
Next Post
You might also like